بيوس ۽ نئون دور

بيوس ۽ نئون دور (ڪتاب ): سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر، تعليمدان ۽ ليکڪ پروفيسر ارجن شاد، ڪشنچند بيوس جي شاعريءَ جو ادبي جائزوبيوس ۽ نئون دور“ عنوان واري هن ڪتاب ۾ پيش ڪيو آهي. ڪرائون سائيز جي 118 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 3 رپيا آهي، جيڪو جنوري 1970ع ۾ سمراٽ ايم. اي. ميرچنداڻيءَ، انڌيري، بمبئيءَ (ڀارت) مان ڇپائي پڌرو ڪيو. هيءُ ڪتاب ڇهن بابن تي مشتمل آهي. پهرئين باب ۾ ڪشنچند بيوس جي شاعريءَ جو پسمنظر ۽ باقي بابن ۾ سندس شعري ڪتابن، شيرين شعر، مؤجي گيت، گرونانڪ_ جيون ڪوتا، بيوس گيتانجلي ۽ شعر بيوس جو ادبي جائزو ورتو ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو